خواجه آصف پنهنجا قانوني آمدني جا ذريعا ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي: بئريسٽر شهزاد اڪبر/ عثمان ڊار


APP31-020121 ISLAMABAD: January 02 - Adviser to PM on Interior and Accountability Mirza Shahzad Akbar and Special Assistant to Prime Minister on Youth Affairs addressing a press conference. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص معاون بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ خواجه آصف پنهنجي قانوني آمدني جي ذريعن بابت ٻڌائڻ ۽ نيب کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن بابت خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته خواجه آصف شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار جي طريقيڪار تي عمل ڪندي لٽ مار ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير مسلم ليگ (ن)جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اثاثه ٺاهيا.

مضمون کا ماخذ : کڑک

متعلقہ مضامین