وزيراعظم پاران پي آءِ اي قومي اثاثو قرار


APP71-241220 ISLAMABAD: December 24 – Prime Minister Imran Khan chairing the performance review meeting on Pakistan International Airlines. APP

اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي کي قومي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ايئر لائين جو ماضي شاندار آهي، پي آءِ اي کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام واپس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي منافع بخش بڻائڻ لاءِ ان جي سروس کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ اي جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ، ايوي ايشن جو سيڪريٽري شوڪت علي، سي اي او ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عشرت حسين اجلاس کي پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن سان نه رڳو پي آءِ اي جي مالي حالت ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي پر ان جي منافع بخش روٽ وڌائي عالمي رخن تي سروس فراهم ڪري سگهجي ٿي، ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ ان سان اداري تي پوندڙ مثبت اثرن کان آگاهه ڪيو.

مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania

متعلقہ مضامین