لاهور – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان نه ڪڏهن ڪوڙ جي سياست ڪئي ۽ نه ئي آئنده ڪنداسين، ??يڪو به چيو ان تي خلوص نيت سان عمل ڪيو، مخا??فن جي ايجنڊا خبر ناهي ڪهڙي آهي، ترقي جو سفر جاري ۽ ساري رهندو، مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن اسان جو قيمتي اثاثو آهن، هي اثاثو جنهن وٽ به هجي اهو ناڪام ناهي ٿيندو، ڪارڪنن کي پاڪستان جو مفاد عزيز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت طرفان اٿاريل موثر قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته بجلي جا منصوبا هڪ هڪ ڪري مڪمل ٿي رهيا آهن، گذريل ڏينهن بجلي جي 19 هزار ??ڪارڊ پيداور ٿي جڏهن ته هزارين ميگاواٽ بجلي هن سال ۽ ايندڙ سال جي آخر تائين نظام ۾ شامل ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته منصوبن کي گهٽ کان گهٽ مد??، لاڳت ۽ شفافيت سان مڪمل ڪري رهيا آهيون ۽ بجلي جا ڪيترائي منصوبا افتتاح لاءِ تيار ??هن، وزيراعظم چيو ته توانائي منصوبن تي 36 ارب ڊالر خرچ ڪيا پيا وڃن، 36 سئو ميگاواٽ جي ايل اين جي جي ٽن منصوبن ۾ 112 ارب روپين جي بچت ڪئي، هن بنيادي ڍانچي جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان چيو ته اورينج لائن ۽ ميٽرو بس سروس غريبن جي بهترين خدمت آهي، مخا??فن جي ايجنڊا خبر ناهي ڪهڙي آهي، ترقي جو سفر جاري ۽ ساري رهندو.
نه ڪڏهن ڪوڙ جي سياست ڪئي ۽ نه ئي آئنده ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania