اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير ۽ وزيراعظم شڪايت سيل جي انچارج شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران وزيراعظم شڪايت سيل کي 2 لک 46 هزار 835 مختلف نوعيت جون درخواستون مليون هيون جن ۾ 60 سيڪڙو ماڻهن جي مسئلن ک?? حل ڪيو ويو آهي، هلندڙ سال بون ميرو ليور ٽرانسپلانٽ جي لاءِ 25 غريب مريضن کي علاج جي لاءِ 7 ڪرو?? رپيا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم شڪايت سيل کي 10 ڪروڙ مان وڌائي 30 ڪرو?? رپيا ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ??ند?? ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2