اسلام آباد -27 آڪٽوبر(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري ??وا?? جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي، پاڪستان ڪشميري ??وا?? جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ پاڪستان ڪشميري ??وا?? جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس طرفان جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آهي، 77 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ??ار??ي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي جيڪو خطي لاءِ هڪ ڊگهي ۽ تڪليف ڏيندڙ باب جي شروعات اهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن دوران ??ار?? غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير تي پنهنجو ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا. محمد اسحاق ڊار چيو ته ??ار??ي اختيارين پاران کنيل قدمن سميت علائقي جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي ريت خلاف ورزي آهن. هن چيو ته اڄ هي خطو جبر شدت کي برداشت ڪري رهيو آهي، هزارين سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيل ۾ آهن، 14 سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي وئي آهي، ايمرجنسي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام وارن سخت قانونن تحت ??ار??ي فوج کي وسيع اختيار حاصل آهن، جنهن سبب ??ار??ي فوج ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ يا مارڻ ۽ ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ جي قدمن م ملوث آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??ار?? جي سمورن ظالماڻن طريقن باوجود ڪشميري ??وا?? جو جذبو ۽ عزم برقرار آهي ۽ ڪشميري ??وا?? انصاف ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته تازو ئي غيرقانوني طور ??ار??ي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊيون ٿيون هيون جڏهن ته ڪو به اهڙو قدم جيڪو ??ار?? جي آئين جي فريم ورڪ تحت ۽ ??ار??ي فوج جي وڏي تعداد ۾ موجودگي ۾ ڪيو ويندو آهي ان کي ڪشميري ??وا?? جي جائز خوداراديت واري حق جي متبادل طور نٿو سمجهي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان تعميري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري ??وا?? جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري ??وا?? جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ ان جي خوداراديت واري هق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات