بيجنگ-15 مارچ (اي پي پي) اتر چين جي صوبي شانز?? ۾ ??وئلي جي کاڻ جي زير زمين گودام ۾ ڦا??ل سمورن 7 پورهيتن جي فوتگي جي تصديق ڪئي وئي آهي. جمعي ڏينهن مقامي عملدارن موجب ڪوئلي جي صنعتي ڪارپوريشن جي ڪوئلي جي ڪيتايان زنگلانگ نالي کاڻ ۾ ريسڪيو آپريشن ختم ڪيو ويو. زانگيانگ ڪانٽي جي انتظاميه موجب کاڻ مان آخري لاش جمعي جي صبح تقريبن س??ڍا 6 وڳي ڪڍيو ويو. کاڻ جي سربراهه ٻڌايو ته زير زمين گودام ۾ حادثو گذريل سومر جي رات جو ان وقت پيش آيو جڏهن پورهيت ڪوئلي جي خراب فيڊر جي مرمت ڪري رهيا هئا، ان وقت اتي 7 پورهيت مو??ود هئا جڏهن ته ڪوئلي جو زير زمين گودام ڪرڻ سبب پاڻي جي لائين ڦا??ي پئي ۽ حادثي واري هنڌ پاڻي ڀرجي ويو جنهن س??ب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي درپيش رهي.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا