اقتصادي ترقي ذريعي عوام کي بااختيار بڻائڻ تي يقين رکون ٿا: وزيراعظم


هانگ زو– 16 مئي (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اقتصادي ترقي جي ذريعي عوام کي سياسي طور تي بااختيار بڻائڻ تي پختو يقين رکون ٿا ۽ هو ننڍي ڪاروبار کي عالمي سطح تائين وٺي وڃڻ ۾ مددگار جي طور تي ملڪ ۾ اي ڪامرس جي حوصلا افزائي ڪنداسين. چين جي سڀ کان وڏي اي ڪامرس پورٽل ”علي بابا“ پاران پاڪستان ۾ اي پليٽ فارم جي قيام جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ وزيراعظم چيو ته هي قدم ملڪ ۾ روزگار پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو. وزيراعظم ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ اي ڪامرس کي عمل انگيز قرار ڏيندي چيو ته ان سان معاشري جي پوئتي پيل طبقن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات

متعلقہ مضامین