اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ استحصال ڏهاڙي جي ??وقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. گذريل هڪ سال کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين دٻاءُ ۽ فوجي گ??يراءُ درپيش آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي هندستان پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير کي ڏنل خصوصي حيثيت کي ڪالعدم قرار ڏنو جتي ڪشميري گڏيل قومن جي ??نظور ٿيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙي جي ??وقعي تي عوام ڀرپور انداز سان شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير سان پنهنجي ??الهاڻي محبت جو اظهار ڪيو، پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هر قسم جي ??ريفڪ جي چرپر پڻ رڪجي ??ئي. مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پاران ريلين ۽ جلسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي ??اءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير جي ??ظلوم عوام کي انهن جي ??رضي موجب جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن