اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان بڻايو سرٽيفڪيٽ جاري ڪندي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي اسڪيم ۾ وڌ کان وڌ سي??پڪاري جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ان جي وسيل?? ٻاهرين ملڪ رهندڙ محب وطن پاڪستاني ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪستان بڻايو سرٽيفڪيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سي??پڪاري سان معاشي مشڪلاتن ۽ ادائيگين جي توازن تي ضابطو آڻڻ ۾ مد?? ملندي، ادائيگين جو توازن ختم ناهي ٿيو پر ان ۾ بهتري آئي آهي، موجوده حڪومت سي??پڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جهڙي نموني پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ سي??پڪاري ڪندا ته ان تيزي سان هي ملڪ ترقي ڪندو، جڏهن ملڪ ترقي ڪندو ته پوري دنيا ۾ پاڪستانين جو عزت ۽ وقار بلند ٿيندو، هو ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ پاڪستان ٺاهيو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو
وزيراعظم پاران پاڪستان بڻايو سرٽيفڪيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز