اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ملڪ ۾ پ??ڻي جي بحران واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي پاڻي پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل مسودو جوڙيو وڃي. هو ن??شنل واٽر ٽاسڪ فورس جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ حڪومتي ادارن جي واٽر سيڪٽر جي اعليٰ عملدارن ۽ پاڻي شعبي ۾ وسيع تجربو رکندڙ تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وز??ر اعليٰ سطحي قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جيڪو ملڪ ۾ پ??ڻي جي تحفظ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري. واضح رهي ته 1947ع ۾ پ??ڪستان ۾ في ڪس ساليانو پاڻي جي دستيابي 5 هزار 260 ڪيوبڪ ميٽر هئي جيڪا 2018ع ۾ هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽر کان به گهٽ سطح تي اچي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش