اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي سفير مهدي هنر دوست چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ايران ويجها ڀائر ملڪ آهن، ٻئي ملڪ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو، عالمي ۽ خطي جي حالتن جي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپا ۽ تعاون وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ