اسلام آباد – 09 جنوري (??ي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي سياسي زندگي ۾ سدائين عوام جي خدمت کي ترجيح ڏني. هو اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تح??يڪ انصاف وزيراعظم جي ٻارن جي جنهن ڊيڊ جي خلاف هئي، ان ئي موقف تا?? هٽندي اڄ پي ٽي آءِ اها ڊيڊ تسليم ڪري ورتي آهي، عدالت جيڪي سوال اٿاريا آهن انهن تي اسان جا وڪيل، جن جا دليل پي ٽي آءِ جي وڪيل جا دليل ختم ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيندا، انهن جي دليلن ۾ سموريو?? شيون واضح ٿي وينديون. هن چيو ته 2013ع کان اڄ تائين هر ڪوشش ڪئي وئي ته ترقي جا منصوبا روڪيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں