گوادر – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي آخري پساهن ۾ آ??ي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڀڄندي ڪجهه ڪارروايون ڪري پنهنجي وجود جو تاثر ڏئي رهيا آهن، اسان وڏو معرڪو عبور ڪري ورتو آهي. ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿ?? رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته گوادر ۾ بجلي ۽ صاف پاڻي جي منصوبن تي ڪم جاري آ??ي، منصوبن سان نه رڳو گوادر پر بلوچستان جي ٻين علائقن کي پڻ پاڻي ۽ بجلي ملندي، گوادر ۾ عالمي سطح تي ايئرپورٽ ٺهي رهيو آ??ي، گوادر پاڪستان جو سڀ کان اهم شهر بڻجڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته چين نه رڳو پاڪستان جو دوست آهي پر گوادر منصوبي ۾ حصيدار پڻ آ??ي، گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي لاءِ هڪ جهڙو فائديمند آهي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت