گڏيل قومون- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل هوائي اڏي ويجهو دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين کي ڪڏهن به نشانو نه بڻائڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ گذر??ل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ بريفنگ دوران هڪ سوال جي جو??ب ۾ چيو ته اسان پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا. هن گڏيل قومن جي سربراهه پاران چيو ته شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ نشانو نه بڻائن گهرجي اسان متاثرن جي خاندان ۽ پاڪستان ۽ چين جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت جو??ظهار ڪيون ٿا. واضح رهي ته آچر جي رات ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئر پورٽ ويجهو ڌماڪي ۾ 2 چ??ني ۽ هڪ پاڪستا??ي شهري مارجي ويا ۽11 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea