پيرس -17 اپريل (اي پي پي)يو??پ جي فلڪيات ماهرن ڪهڪشائن ملڪي وي ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن جي ڪميت سج کان 33 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ اهو بليڪ هول زمين کان 2 هزار نوري سال جي مفاصلي تي واقع آهي. گارڊين موجب بليڪ هول ج??هن کي Gaia BH3 جو نالو ڏنو ويو آهي ??ورپي خلائي ايجنسي گايا جيڪا ملڪي وي جو ن??شو تيار ڪرڻ لاءِ وقف آهي ج??هن مشين ذريعي جمع ڪيل ڊيٽا جي تجزئي دوران بليڪ هول کي دريافت ڪيو آهي. بليڪ هول ان وقت دريافت ٿيو جڏهن سائنسدانن ان جي ويجهو گردش ڪندڙ هڪ ستاري جي غيرمعمولي لهردار حرڪت جو مشاهدو ڪيو. بليڪ هول ستارن جي زندگي جي پڄاڻي تي انهن جي ٽٽڻ سان پيدا ٿيندا آهن. اسان جي ڪهڪشان ملڪي وي ۾ دريافت ٿيل بليڪ هول بي ايڇ ٿري هڪ غير فعال بليڪ هول آهي جيڪو پنهنجي ويجهي ترين ستاري کان به تمام گهڻو پري آهي. واضح رهي ته گايا جو مشن گذريل 10 سالن کان زمين کان 15 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي فراهم ڪيل ڊيٽا مان هڪ ارب 80 ڪروڙ ستارن جي پوزيشن ۽ حرڪتن جو ٿري ڊي ن??شو تيار ڪيو پيو وڃي.
يورپي فلڪيات ماهرن پاران ملڪي وي ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ
مضمون کا ماخذ : loteria estadual