واشنگٽن-19 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ چين جي نمائندي زي فينگ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي تاريخ، عوام ۽ دنيا لاءِ پنهنجي ذمي??ار?? نڀائڻ گهرجي ۽ پنهنجي لاڳاپن لاءِ روشن مستقبل جي شروعات ڪرڻ گهرجي. هن چيني سفارتخاني ۾ چين آمريڪا سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 45 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد آجياڻي ??ار?? تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 45 سالن ۾ چين ۽ آمريڪا گڏيل لاڳاپن کي اڳتي وڌايو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن ۽ دنيا کي فائدو پهچي رهيو آهي. هن چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هڪٻئي سان اختلاف رکڻ ٻنهي ملڪن لا??ِ بهتر ناهي ۽ تڪرارن سان ٻنهي ڌرين لا??ِ برداشت نه ڪرڻ جوڳا نتيجا نڪرندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن لاءِ درست رخ ۾ هلڻ ۽ هڪٻئي سان ڪم ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته چين جي اولين ترجيح ٻنهي ملڪي سربراهن وچ ۾ طئي ٿيل اهم گڏيل مفاهمت جو احترام ڪرڻ ۽ مستحڪم ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين کي تاريخ مان سبق سکڻ ۽ هڪ نئين سرد جنگ خلاف چوڪس رهڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ذمي??ار?? سان ڪم ڪرڻ، فلسطيني اسرائيل تڪرار ۽ يوڪرين جي بحران جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار، ماحولياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن چئلينجن ۾ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت ??هي.
آمريڪا ۽ چين کي تاريخ، عوام ۽ دنيا لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي: چيني نمائندو
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado