واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي کي اڱاري تي وائٽ ??ائوس اچڻ جي دعوت ڏني آهي ته جيئن يوڪرين جي فوري ضرورتن تي ڳا??هه ٻولهه ڪري سگهجي. العربيا اردو مطابق آمريڪي صدارتي ترجمان بيان ۾ چيو آهي ته ٻئي صدر روسي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي فوري ضرورتن ۽ ان نازڪ لمحي ۾ آمريڪي حمايت جاري رکڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. يوڪرين جي ايوان صدر بيان ۾ چيو آهي ته ان ملاقات ۾ يوڪرين ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌيڪ دفاعي سهڪار، خاص طور تي هٿيارن ۽ فضائي دفاعي نظام جي تياري جي گڏيل منصوبن ذريعي ٻه طرفي سهڪار جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويندو. جوبائيڊن طرفان پنهنجي يوڪريني هم منصب کي وائٽ ??ائوس جي دعوت اهڙي وقت ۾ ڏني وئي آهي جڏهن اربع تي آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن اپوزيشن وائٽ ??ائوس طرفان 106 بلين ڊا??ر ماليت جي هنگامي امدادي پيڪيج جي منظوري لاءِ پيش ڪيل درخواست کي روڪي ڇڏيو هو.
آمريڪي صدر جي يوڪرين هم منصب کي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil