دوحه- 06 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي اڳواڻن اسرائيل طرفان غزه ۾ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي ج?? مذمت ڪئي آهي، سربراهن خطي کي درپيش مسئلن جو جائزو و??ندي چيو ته جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا. العريبيه نيوز موجب دوحه ۾ ٿ??ل جي سي سي جي 44 هين سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو و??و آهي ته غزه ۾ اسرائ??ل جي قدمن سان نه رڳو عالمي قانونن پر عالمي انساني قانونن جي به کليل خلاف ورزي آهي، جي سي سي ملڪ غزه ۾ پنهنجي فل??طي??ي ڀائرن سان گڏ آهن. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب 6 ملڪي ڪائونسل جي ميمبرن اسرائ??ل جي غزه ۾ جاري فوجي ڪارروائي ج?? مذمت ڪئي جنهن سبب نه رڳو عام شهري بي گهر ٿيا پر سويلين انفراسٽرڪچر سميت رهائشي عمارتون، اسڪول، اسپتال ۽ عبادتگاهون تباهه ٿيون. ميمبرن طرفان اسرائ??ل جي فل??طي??ي عوام خلاف کل??ل جارحيت تي خدشن جو اظهار ڪيو و??و ۽ عزه ۾ جاري جنگ جي پک??جڻ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو و??و ته غزه جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ غزه ۾ فوري طور تي انساني همدردي جي بنيادن تي ٻيهر جنگ بندي جو مطالبو ڪيو و??و.
غزه تي اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي، جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا: نار تعاون ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania