اسلام آباد – 27 نومبر (اي پ?? پي) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ڌرڻي آپريشن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ گهرو سيڪريٽري جي نگراني ۾ 3 رڪني ڪميٽي ٺاهيندي چيو آهي ته نفرت تي ٻڌل روين جي خاتمي ۾ مدد ف??اهم ڪرڻ عالم سڳورن جو فرض آهي، ختم نبوت صه تي نه ڪو ٺاهه ٿيو آهي ۽ نه ڪي?? ڪري سگهي ٿو. جاري بيان موجب گهرو وزير چيو آهي ته ڪميٽي جائزو وٺندي ته ڇا 2014ع واري ??رڻي کانپوءِ پوليس جي ڌرڻن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو ويو. گهرو وزير مظاهرن ۽ ڌرڻن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد ترين صلاحيت رکندڙ هڪ هزار پوليس اهلڪارن تي ٻڌل خاص ٽيم هنگامي بنيادن تي جوڙڻ ۽ اسلام آباد پوليس جون ضرورتون فوري طور تي پ??ريون ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais