اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چ??و آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نئين نسل جو ڪردار اهم آهي ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ نون امڪانن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ شاگرد پاڻ کي ڀرپور انداز ۾ ت??ار ڪن. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ سن?? مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن ج?? وفد سان ملاقات دوران چئ??. ص??ر چيو ته سن?? مدرسته الاسلام يونيورسٽي کي قائداعظم جي نسبت جي ڪري ٻين ادارن کان مٿانهون مقام حاصل آهي. هن چيو ته يونيورسٽي معياري تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاگرد پاڻ کي جديد تعليم سان ليس ڪري معاشي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی