واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) عالمي خلائي اسٽيشن تي ??هندڙ خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي خلابازن آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ خلا مان ووٽ ڪاسٽ ڪري تاريخ لِکي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خلائي مسافر بچ ولمو?? ٽينيسي ٽيڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڳالهائيندي خلا مان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي تجربي جو ذڪر ڪيو. واضح رهي ته ??اسا جا چار خلاباز هن وقت زمين جي مدار ۾ موجود عالمي خلائي اسٽيشن تي ??هندڙ آهن. جن چئني خلابازن پنهنجي ووٽ ??و حق استعمال ڪرڻ لاءِ ايبسنٽي بيلٽ جي درخواست ڪئي هئي. اهو قدم خلابازن طرفان خ??ا ۾ قيام باوجود پنهنجي شهري فرضن جي ادائگيءَ سان وابستگيءَ کي اجاگر ڪري ٿو. خلا مان ووٽنگ ناسا جي نيئر اسپيس نيٽ ورڪ ذريعي ممڪن بڻائي ويندي آهي، جيڪا خلائي اسٽيشن ۽ مشن ڪنٽرول وچ ۾ ٻي ڊيٽا جي ڏي وٺ وانگر آءِ ايس ايس کان زمين تي ??يلٽ منتقل ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز