اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دؤر ڪالهه مڪمل ٿي ويو، جنهن کان پوءِ گڏيل پڌرائيءَ جاري ڪئي وئي. حڪومتي اتحاد ڪم??ٽيءَ جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌرائيءَ پڙهي ٻُڌائي جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته ڳالهين واري ٽيمن وچ ۾ ٻئي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، سلمان اڪرم راجا، اسد قيصر، راجا ناصر عباس، صاحبزاده حامد رضا، جڏهن ته حڪومتي اتحاد پاران نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر عرفان صديقي، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سيد نويد قمر، ڊاڪٽر فاروق ستار، اعجاز الحق، خالد حسين مگسي، وفاقي وزير عبدالعليم خان شريڪ ٿيا. پي ٽي آءِ ڪم??ٽيءَ جي سربراهه عمر ايوب خان ۽ ٻين ميمبرن تفصيل سان پنهنجو مؤقف پيش ڪيو. هن پي ٽي آءِ جي باني سميت پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. هنن اهو به چيو ته حڪومت کي ضمانتون حاصل ڪ??ڻ ۾ رڪاوٽون نه وِجهڻ گهرجن. هن 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جوڊيشل ڪم??ٽي بنائڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن حقيقتون پوريءَ طرح آڏو اچي سگهن. پي ٽي آءِ ڪم??ٽيءَ آگاهه ڪيو ته لکت ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ لاءِ اسان کي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات، صلاح مشوري ۽ رهنمائي حاصل ڪ??ڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. هنن چيو ته عمران خان ڳالهين وارو عمل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي تنهنڪري ان کي هاڪاري طريقي سان جاري رکڻ لاءِ سندس هدايتون تمام ضروري آهن. پي ٽي آءِ ڪم??ٽي پاران عمران خان سان صلاح مشوري ۽ رهنمائيءَ کان پوءِ ايندڙ گڏجاڻي ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ باقاعده لکت جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو. حڪومتي اتحاد طرفان نائب وزيراعظم م??مد اسحاق ڊار چيو ته گذريل ميٽنگ ۾ ڪيل فيصلن تحت اسان کي اميد آهي ته اڄ پي ٽي آءِ لکت ۾ پي ٽي آءِ ڪم??ٽي عمران خان کان رهنمائي حاصل ڪ??ڻ کان پوءِ پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ آڻيندي ته جيئن ٻئي ڪم??ٽيون معاملن کي سهڻي انداز سان اڳيان وڌائي سگهون. طئي ٿيو ته پي ٽي آءِ ڪم??ٽي جي عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اين??ڙ هفتي ٻنهي ڪم??ٽين جي ٽين ويهڪ جي تاريخ جو تعين ڪيو ويندو. جڏهن ته اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪم??ٽي ۾ ڳالهائيندي چيو ته هيءَ ڳالهين واري ڪم??ٽيءَ جو ٻيو اجلاس آهي، پهرين ڪم??ٽيءَ ۾ اسان جا ڪجهه ساٿي موجود نه هئا، پهرين ڳالهين واري ڪم??ٽي تمام سٺي ماحول ۾ منعقد ٿي هئي. پهرين ڪم??ٽيءَ جي اجلاس ۾ بحث هيٺ آيل معاملن تي عملدرآمد ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجو ڪردار فقط هڪ سهولت ڪار جي آهي، اميد ڪريان ٿو ته ڳالهين واري ڪم??ٽي ۾ شريڪ ڌُريون ڳالهين کي هاڪاري انداز ۾ هلائينديون. منهنجي ڪوشش آهي ته ملڪ کي درپيش دهشتگردي، معيشت سميت اهم اشوز کي به ان ڪم??ٽيءَ ۾ غور هيٺ آندو وڃي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پاڪستان جي مسئلن کي حل ڪ??ڻ جي اسان جي ذميواري آهي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪ??ڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دؤر، اميد آهي ته ڌُريون ڳالهين کي هاڪاري انداز ۾ هلائينديون: اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر