راولپنڊي-31 ڊسمبر (اي پي پي) پا?? فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ هيٺ سال 2024ع ۾ پا?? فوج ملڪ لاءِ بي مثال خدمتون ڪندي خوارج ۽ دهشتگردن لاءِ واضح پاليسي عيوض جاري آپريشنن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون. پا?? فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) موجب سال 2024ع دوران مجموعي طور تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن ۽ سندن س??ول??ڪارن خلاف 59775 مختلف قسمن جون ڪامياب ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشنز ڪيون. ڪامياب آپريشنز دوران 925 دهشتگردن خاص طور تي خوارجين کي ماريو ويو، جڏهن ته سَوين گرفتار ڪيا ويا. دهشتگرديءَ جي ان ناسُور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سراسري طور ڏيهاڙي 169 کان وڌيڪ آپريشنز پا??ستاني فوج، انٽيليجنس، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انجام ڏئ?? رهيا آهن. سال 2024ع دوران انهن آپريشنز ۾ 73 انتهائي گهربل دهشتگرد ماريا ويا. مارجي ويلن ۾ فدا الرحمان عرف لعل زوب ڊويزن، علي رحمان عرف طحه سواتي ۽ ابو يحيٰ به شامل آهن. رياستي ادارن جي بهترين حڪمت عملي سبب 14 گهربل دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪري پا?? کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو. سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب حڪمت عملي سبب 2 آپگهات بمبارن کي گرفتار ڪري ملڪ کي وڏي تباهيءَ کان بچايو ويو. آرمي چيف دهشتگردن، خوارجين ۽ سندن س??ول??ڪارن جي باري ۾ واضح مؤقف رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته پا??ستان کي افغانستان جي ڌرتي مان آزاداڻي دهشتگرد ڪاررواين تي خدشا آهن، هڪ پا??ستانيءَ جي جان ۽ حفاظت اسان لاءِ افغانستان کان وڌيڪ اُتم آهي. هلندڙ سال پر??يه?? رسالي به آرمي چيف کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن خلاف سگهارو آواز بڻجڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. پر??يه?? سرگرمين خلاف به هلندڙ ڀرپور ڪارروايون عمل ۾ آنديون ويون. پا??ستان رياست جو واضح مؤقف آهي ته پر??يه?? سرگرمين ۾ ملوث مافيا دهشتگردن جا س??ول??ڪار آهن. واضح رياستي پاليسي کي نظر ۾ رکندي سال 2024ع ۾ اسمگلنگ، بجلي چوري، ڀتا خوري، ذخيره اندوزي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وئي. هن سال غير قانوني سرگرمين خلاف ڪامياب ڪاررواين جي نتيجي ۾ واضح گهٽتائي ٿي. آرمي چيف جي ڪامياب ملٽري ڊپلوميسي عيوض پا??ستان اهم سنگ ميل پار ڪيو. ڪامياب ملٽري ڊپلوميسي عيوض ا??م ملڪن سان ناتن ۾ بهتري ۽ پر??يه?? سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي.
آرمي چيف جي اڳواڻيءَ هيٺ سال 2024ع ۾ پاڪ فوج کي اهم ڪاميابيون حاصل ٿيون: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : apostas quina