اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي بيلو اڪانومي کي مضبوط بنائڻ لاءِ ??سٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز جو دؤرو ڪيو جنهن ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ اين آءِ ??يم اي وچ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۽ ملڪ جي بليو اڪانومي ۾ ترقيءَ کي اڳتي وڌائي سگهجي. وفاقي وزير ايڪوڪلچر، گرين شپنگ، ميري ٽائم ٽوئر ازم ۽ گرين شپ ري سائڪلنگ جهڙن اهم سامونڊي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير دؤري دوران ميري ٽائم پاليسي جوڙڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي م??اد?? کي اڳتي وڌائڻ ۾ اين آءِ ??يم اي جي ڪردار بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. بريفنگ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستاني سامونڊي معيشت ان وقت ملڪي جي ڊي پي ??ي 0.2 سيڪڙو کان به گهٽ نمائندگي ڪري رهي آهي جيڪا 8-10 سيڪڙو جي عالمي معيار جي بلڪل ابتڙ آهي. اين آءِ ??يم اي جي حڪومتي، قومي ۽ عالمي شراڪتدارن سان جاري حصيداريءَ کي به سامونڊي شعبي ۾ ترقيءَ کي تي?? ڪ??ڻ لاءِ ??روري قرار ڏنو ويو. بريفنگ ۾ بليو اڪانومي جي مختلف پهلوئن بابت مختلف امڪانن جي ڳولا جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ جي سامونڊي وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ هڪ اثرائتي قومي ايڪشن پلان جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪئي وئي. وفاقي وزير ميري ٽائم جي سمورن شعبن ۾ پائيدار ترقيءَ لاءِ مستقبل جو روڊ ميپ قائم ڪ??ڻ لاءِ ??امونڊي معاملن واري وزارت ۽ اين آءِ ??يم اي ۽ ٻين ميري ٽائم اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اثرائتي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو.
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ