اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي وزيرا??ظم رومان گولوف چينڪو اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي ٻطرفي ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور تي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي ??روغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ بيلاروس جي شرڪت جي آجيان ڪندي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف بيلاروس کي ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ کي ??روغ ڏيڻ ۾ بيلاروس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ??يو.
هن سال جولاءِ جي شروع ۾ آستانه ۾ صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان پنهنجي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم چيو ته اعليٰ سطح جي باقاعده ملاقاتن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي ??ڪ مثبت رفتار فراهم ڪئي آهي جنهن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. هن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور تي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي ??روغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏ0نو. گولوف چينڪو ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي پاڪستان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۾ شاندا?? ميزباني تي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن يقين ڏياريو ته بيلاروس شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن، اصولن ۽ ترجيحن کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ ۽ پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي چيئر جي حيثيت سان پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪندو. گولوف چينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائ??يم??د تعاون کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ??يو.