اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار چيويافو جي چيئرمين جي قيادت ۾ رو??ي گروپ جي 9 رڪني ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ رو??ي گروپ جي وچ ۾ معاملا اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان اسلام آباد ۽ بيجنگ ۾ ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چين جو رو??ي گروپ پاڪستان ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چين پاڪستان جو اهڙو دوست ملڪ آ??ي جيڪو هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم ??فد جي آجيان ڪندي چيو ته رو??ي گروپ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جو پهريون سيڙپڪار هو. وزيراعظم رو??ي گروپ جي پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهري دلچسپي کي ساراهيو. رو??ي گروپ جي چيئرمين چيويافو چيو ته اسان سيڙپڪار جي حيثيت سان نه پر پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان پاڪستان آيا آهيون. رو??ي گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي بطور پنجاب ??ي وڏي وزير جي دور ۾ تيز رفتار ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پنجاب ۽ شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ??ه هن ڀيري به ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ اها ئي ??فتار ڏسڻ لاءِ ملندي. ان موقعي تي هن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته رو??ي گروپ سنڌ صوبي ۽ پنجاب ??وبي ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو جنهن ۾ چين جي 100 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ويندي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو محور پاڪستان جو ٽيڪسٽائيل رو??نگي واپار وڌائڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جو ٽيڪسٽئايل ۽ گارمينٽس حب بڻائڻ آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس ۾ شمسي توانائي ??و استعمال ٿيندو ۽ اهي زيرو ڪاربن ۽ خودڪار جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندا. انهن پارڪس سان پهرين مرحلي ۾ 2 ارب آمريڪي ڊالر جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب آمريڪي ڊالر جي برآمدات متوقع آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس سان 3 لک کان 5 لک مقامي ماڻهن کي رو??گار جا موقعا فراهم ٿيندا. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو سنگ بنياد هن سال جي آخر ۾ رکيو ويندو ۽ اهي ٽن سال جي مدي ۾ مڪمل ٿيندا. رو??ي گروپ ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ هڪ هول سيل ڪموڊٽي مرڪز پڻ قائم ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ۾ واپار وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو نمائندو ۽ ظفرالدين محمود شامل هوندا. وزيراعظم سان ??فد جي ملاقات کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ روئي ??يڊونگ گروپ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ جديد ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پڻ شرڪت ڪئي.
چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ریل رش