اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن ??قب??ل جي صدارت هيٺ وزارت جي سينئر مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز ۽ مختلف شعبن جي سربراه?? شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، وزارت ۾ جاري منصوبن ۽ شعبن جي ڪارڪردگي جو جائز?? ورتو. ان موقعي تي احسن ??قب??ل چيو ته رٿابندي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي سڌارن جي نت??جي ۾ مثالي بڻايو ويندو. هن چيو ته عملدار، شعبن جا سربراهه ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز پنهنجي شعبن بابت واضح حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. هن چيو ته سي پيڪ سينٽر آف ايڪسيلينس کي تحقيق جو مرڪز بڻجڻو پوندو. سينٽر آف ايڪسيلينس سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي منصوبن لاءِ مستند تحقيق تي ٻڌل مواد فراهم ڪري حڪومت جي رهنمائي ڪري. هن چيو ته جائزي اجلاس ۾ باقاعدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، آفيسرن، شعبن ۽ جاري منصوبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزارت جي سينئر مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک