اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ ??حص??لن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سا??گا?? ماحول پيدا ڪ??ڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آه?? ته سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتون فراهم ڪرڻ واريون پاليسيون جوڙي رهيا آه??ون. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪ برونائي انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪمپنيءَ سميت گڏيل سيڙپڪاري ڪمپنين جي نمائندن سان جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ڪمپنين جي اڳڀرائي، چئلينجز ۽ مستقبل جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻنهي ڪمپنين جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. سي اي او پاڪ برونائي انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (پي بي آءِ سي ايل) ڪمپني جي پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ اهم قدمن جي باري ۾ مختصر جائزو پيش ڪيو. هن ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۽ برونائي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پي بي سي آءِ ايل جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته مالي خدمتون، ريئل اسٽيٽ ۽ ايس ايم اي جي مدد جي ذريعي صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آه??، ڪمپني انهن شعبن ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آه?? ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻه طرفي واپار ۽ اقتصادي استحڪام کي هٿي ملي رهي آه??. سي اي او سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪمپني ملڪ ۾ اسلامي ماليات، ڊجيٽل فنانس، واپار، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪمپنيءَ جي اهم ترقياتي قدمن جي باري م بريفنگ به ڏني. اجلاس ۾ انهن ڪمپنين جي آپريشنز جي مختلف پاسن سيڙپڪاريءَ سميت حڪمت عملي، ڪارڪردگي جي جاچ ۽ ڪيترين رڪاوٽن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڪمپنين پنهنجي ڪاميابين ۽ چئلينجز جو جائزو پيش ڪيو ۽ آپريشنل رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ لاءِ پاليسي سپورٽ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ٻنهي ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ڪجهه سالن ۾ هدف جي حاصلات جي حوالي سان سعودي عرب جو ويزن 2030ع ساراهه جوڳو آه?? ۽ پاڪستان ان حوالي سان سعودي عرب جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سا??گا?? ماحول پيدا ڪ??ڻ ۾ پُرعزم آه??. هن سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ٻنهي ڪمپنين جي ڪردار ۽ منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتون فراهم ڪندڙ پاليسيون جوڙيون پيون وڃن.
سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتن جي حوالي سان پاليسيون جوڙيون پيون وڃن: محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق