اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پا??ستان بهتر معاشي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ٽيڪس اوڳاڙين ۽ مٽاسٽا ناڻي جي ذخ??رن ۾ اضافو ٿيو آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پا??ستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي استحڪام جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن اها ڳالهه پا??ستان ۾ فن لينڊ جي سفير هانو ري پاٿي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير فن لينڊ جي سفير کي ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته پا??ستان عالمي مالياتي فنڊ سان 9 مهينن جو پروگرام مڪمل ڪري چڪو آهي جڏهن ته تازو ئي 37 مهينن تي ٻڌل پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو به ٿي چڪو آهي. هن فن لينڊ جي سفير کي ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر لاءِ حڪومتي قدمن کان به آگاهه ڪيو.ناڻي واري وزير چيو ته انهن قدمن جو بنيادي مقصد روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار اوسر کي حاصل ڪرڻ آهي. فن لينڊ جي سفير پا??ستان ۾ اقتصادي سڌارن کي ساراهيو. هن چيو ته پا??ستان ۾ فن لينڊ جي ڪمپنين جي مالي حالت بهتر ٿي آهي. ناڻي واري وزير جي ايس پي پلس جي تجديد ۾ مدد تي فن لينڊ جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ان سهولت سبب ملڪ جي روانگي واپار واري شعبي کي فائدو ٿي رهيو آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ڌرين پا??ستان ۽ فن لينڊ وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ اقتصادي استحڪام ۽ اوسر لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان بهتر معاشي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteios quina