اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي اي?? اي) جي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ??يڻ جي لاءِ سمورا ضروري ق??م کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي اين ڊي اي?? اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽس، آزاد ڪشمير اسٽيٽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ گلگت بلتستان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان رابطو وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ کان متاثر رستن کي بحال ڪرڻ جي حوالي سان تيز ترين قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ علاج جي سمورين سهولتن ۽ امدادي سامان سميت دوائن ۽ ٻين ضروري ??ين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم سانوڻي جي برساتن ۽ ان ڏس ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري ??ورتحال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم برساتن سبب حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ ??ي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری