پاڪستان ۽ آذربائيجان پاران ٻطرفي دلچسپي جي شعبن خاص طور تي توانائي، واپار، رابطا، دفاع ۽ عوام کان عوام تائين رابطن جي شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ


اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻطرفي دلچسپي جي شعبن خاص طور تي توانائي، واپار، رابطا، دفاع ۽ عوام کان عوام تائين رابطن جي شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهڙي عزم جو ورجاءُ ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو استقبال ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تمام گهڻا شاندار آهن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جا تمام گهڻا ۽ وسيع موقعا موجود آهن. صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام ۽ واپارين جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گوادر بندرگاهه جي اهميت کي اجاگر ڪندي تجويز ڏني ته وچ ايشيائي ملڪ ۽ آذربائيجان علائقائي واپار، رابطن ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ گڏيل معاشي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ ان بندرگاهه مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.

صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي آجيان ڪندي چيو ته مفاهمت جي يادداشتن سان واپار، سياحت، معدنيات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، قانون ۽ انصاف جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي نئون حوصلو ملندو. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اوڀر دنيا کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن سميت آذربائيجان سان پائيدار ۽ لاڀائتا لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ جي تمام گهڻي گنجائش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ڪاروبار ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت پاڪستان ۽ آذربائيجان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا امڪان ڳولي سگهن ٿا.

جڏهن ته بعد ۾ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر آذربائيجان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ آذربائيجان جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جي خاطري ڪرائي.

متعلقہ مضامین