آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان، ترڪيه ?? آذربائيجان جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي ت??اون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي ت??اون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان، ترڪيه ?? آذربائيجان جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دنيا جي ٽن اهم خطن جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پائيدار معاشي ت??قي جي واڌويجهه جي لاءِ علائقائي ت??اون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪيه ?? آذربائيجان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي ت??اون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ترڪيه ?? آذربائيجان سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي ت??اون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. ان کان اڳ ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿي چڪو آهي.
پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ