لاهور-07 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ??نج??ب ۾ به عام چونڊن 2024ع جي سلسلي ۾ پولنگ جو عمل (اڄ) 8 فيبروري صبح 8 وڳي کان شروع ٿي شام 5 وڳي تائين بنا رنڊڪ جي جاري رهندو، جنهن جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪ??يش?? جي انگن اکرن مطابق ??نج??ب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪ??يش?? ??نج??ب جي ترجمان موجب ??نج??ب ۾ عام چونڊن 2024ع جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تياريون مڪمل ڪيو ويون هيون. اليڪشن ڪ??يش?? ??نج??ب جي ترجمان موجب عام چونڊن ۾ ??نج??ب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار 924 ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪندا جنهن ۾ مرد رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 96 لک 90 هزار 487 جڏهن ته عورت رجسٽرد ووٽرن جو تعداد 3 ڪروڙ 46 لک 437 آهي، اهڙي طرح ??نج??ب ?? ڊسٽرڪٽ رٽرن??گ آفيسر 42، رٽرن??گ آفيسر 441، اسسٽنٽ رٽرن??گ آفيسر 882، ڊسٽرڪٽ مانيٽر??گ آفيسر 42، مانيٽر??گ آفيسر 1200 آهن. ڪل پولنگ عملي جو انگ 524070 آهي جن ۾ پرزائيڊ??گ آفيسرن جو انگ 53491، اسسٽنٽ پرزائيڊ??گ آفيسر جو انگ 313719 ۽ پول??گ آفيسرن جو انگ 156860 آهي ۽ ڪل پولنگ اسٽيشنن جو انگ 50900 آهي انهن پولنگ اسٽيشنن ۾ 28297 نارمل جڏهن ته 15617 حساس ۽ 6040 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. اليڪشن ڪ??يش?? ??نج??ب جي جاري ڪيل پڌرائي موجب پولنگ اسٽيشننز جي 400 ميٽرن جي حد ۾ چونڊ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي، ووٽرز کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ، اميدوار جي مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. پولنگ اسٽيشن جي حدن جي 100 ميٽر اندر جهڊا، بينرز لڳائڻ تي پابندي هوندي، ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي فاصلي تي ڪيمپ لڳائي سگهبي. ڊي آر اوز ۽ پوليس انتظاميه اليڪشن ڪ??يش?? جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ جا پابند هوندا جڏهن ته خلاف ورزي جي صورت ۾ اليڪشن ڪ??يش?? سخت ڪارروائي ڪندو. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اصل شناختي ڪارڊ گڏ رکڻ ضروري هوندو، قومي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ پاسپورٽ قابل قبول نه هوندو، مدي خارج شناختي ڪارڊ تي به ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهبو. ترجمان موجب شهري 8300 تي ميسيج موڪلي ووٽ بابت معلومات حاصل ڪري سگهندا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن پولنگ لاءِ سامان پهچائڻ جو عمل جاري رهيو، چونڊ سامان سخت سيڪيورٽي ۾ پرزائيڊ??گ آفيسرن ۽ پولنگ عملي جي حوالي ڪيو ويو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ??نج??ب اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته عام چونڊن 2024ع کي پرامن بڻائڻ لاءِ سمورن چئلينجن باوجود اليڪشن ڪ??يش?? وقت تي پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.
عام چونڊون: پنجاب صوبي ۾ 7 ڪروڙ 42 لک کان وڌيڪ ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا: ترجمان اليڪشن ڪميشن پنجاب
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم