لاهور_07 فيبروي(اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر پنجاب صوبي ۾ پڻ عام چونڊن 2024ع اڄ 08 فيبروري تي ٿينديون جن کي پرامن ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن ??ي انگن اکرن موجب پنج??ب ۾ 7 ڪر??ڙ 42 لک 90 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 12 ڪر??ڙ 85 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪندا. آزاداڻين ۽ منصفاڻين چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪندي پولنگ بوٿ تي اليڪشن ??ان لاڳاپيل سامان پهچايو ويو آهي. پنجاب جي چيف اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهان موجب صوبي ۾ چونڊن جي حوالي سان سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون،شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ ??يٽ??نگ ۽ پريذائيڊنگ آفيسرن کي مجسٽريٽ اول جا اختيار ڏنا ويا آهن. هن ٻڌايو ته چونڊن دوران پولنگ عمل جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪئي وئي آهي، پنج??ب ۾ 144 قومي ۽ 297 صوبائي تڪن ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي، قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 50 هزار 900 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، صوبي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 7 ڪر??ڙ 42 لک 924 آهي جنهن ۾ مردن جو تعداد 3 ڪروڙ 96 لک 487 آهي جڏهن ته عورتن جو تعداد 3ڪروڙ 46 لک 37 آهي،پولنگ اسٽيشنن جو ڪل تعداد 50900 آهي جن ۾ مردن لاءِ پولنگ اسٽيشن ??و تعداد 14573 ۽ عورتن لاءِ 14059 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، اهڙي ريت گڏيل طور تي پولنگ بوٿس جو تعداد 149390 آهي جن ۾ 7901 مردن ۽ 70 هزار 77 عورتن جا پولنگ بوٿس شامل آهن.پنج??ب ۾ ڪل آفيسرن جو انگ 2607 آهي جن ۾ 42 ڊسٽرڪٽ ??يٽ??نگ آفيسر ۽ 144 ??يٽ??نگ آفيسر، 882 اسسٽنٽ ??يٽ??نگ آفيسر شامل آهن. ڊسٽرڪت مانيٽرنگ آفيسرن جو تعداد 42 ۽ مانيٽرنگ آفيسرن جو تعداد 1200 آهي، اهڙي ريت سڄي صوبي ۾ پولنگ عملي جو تعداد 524070 آهي جن ۾ پريذائيڊنگ آفيسر 53491 آهن جڏهن ته اسٽنٽ پريذائيڊنگ آفيسرن جو تعداد 313719 ۽ پولنگ آفيسرن جو تعداد 156860 آهي، عملدارن موجب پولنگ اسٽيشنز تي امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پريذائيڊنگ آفيسرن کي مجسٽريٽ اول جا اختيار ڏنا ويا آهن.
عام چونڊون:پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ پولنگ اڄ ٿيندي،فول پروف سيڪيورٽي سميت سمورا انتظام مڪمل
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار