اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ??شي جي ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي فيصلي ??ي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ بهترين فيصلو آهي، اسرائيل کي فوري طور تي غزه ۾ معصوم شهرين جي نسل ??شي ۽ رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. هن آءِ سي جي جي فيصلي کي ساراهيو جنهن ۾ اسرائيل کي غزه ۾ ف??سطينين طرف نسل ??شي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ، نسل ??شي ڪنوينشن جي آرٽيڪل II جي دائري ۾ ايندڙ سمورين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ غزه ۾ ف??سطينين کي فوري طور تي گهربل ”بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد) جي فراهمي جو چيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ان فيصلي ??سرائيل پاران ڪيل غيرانساني ڪاررواين ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل عورتن، ٻارن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ خوراڪ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن کي پڻ نه ڇڏيو. صدر عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ٻين ادارن خاص طور تي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته اها غزه ۾ ف??ري جنگبندي جي لاءِ قدم کڻي ۽ اسرائيل کي فلسطين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کان روڪي. صدر نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين تي اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريقا پاران معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي جرئتمنداڻي موقف کي ساراهيو.
صدر پاران غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina