اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ناليواري ثقافتي ۽ ترقياتي تنظيم سورميون ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي ثقافت کي هٿي ۽ عورتن کي بااختيار ب??ائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تنظيم جي ميمبرن ثقافت کي هٿي ۽ عورتن کي با اختيار ب??ائڻ ۾ اهم ڪردار تي وفاقي وزير جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي تعليم واري وزير معاشي ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ جي تنظيم جي عزم کي ساراهيو. وفاقي وزير سورميون جي ڪردار جي تعريف ڪئي جيڪا معاشريءَ جي بهتري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سورميون جي نمائندا گلناز شيخ، ند?? ديو، شبانه سليم، پارس فاروق، عابده راز ۽ نجمه ??انڊيو به موجود هيون. ملاقات ۾ عورتن کي بااختيار ب??ائڻ ۽ موسمياتي تبديلي ۾ صنفي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته تنظي?? پنهنجي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ قوم جي ثقافتي ۽ سماجي رابطن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار لاءِ تيار آهي.
تعليم واري نگران وفاقي وزير سان ناليواري ثقافتي ۽ ترقياتي تنظيم سورميون جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números dupla sena