اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو ??يص??و معطل ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي اڄ ئي چونڊ شيڊيول جار?? ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار عمير نيازي کي نوٽيس جار?? ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جو ??يص??و سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يص??ي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جي ??يص??ي تي عملدرآمد ڪرائي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججز سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي ملاقات کانپپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يص??ي جي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.ڪالهه جمعي ڏينهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس سيد منصور علي شاهه بئنچ ۾ شامل هئا. عدالتي ڪارروائي سڌوسنئون نشر ڪئي وئي. اپيل تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آر ا??ز ڊي آر ا??ز بيوروڪريسي مان وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو ??يص??و لاهور هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يص??ي سان چونڊ عمل رڪجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ا??ڪٽ تحت هاڻي بئنچز جوڙيون وڃن ٿيون، منهنجي خواهش هئي ته موسٽ سينيئر ججز بئنچ ۾ شامل هجن. چيف جسٽس چيو ته جسٽس اعجازالاحسن مصروفيتن ج?? ڪري نه اچي سگهيو پوءِ اسان جسٽس سيد منصور علي شاهه کي تڪليف ڏني. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رٽرننگ آفيسرن جي لاءِ پهرين ترجيح پنهنجا آفيسر آهن، ڊي آر ا??ز ۽ آر ا??ز جي فهرست حڪومت ڏيندي آهي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 ٿري تحت شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کي نه مڃڻ مس ڪنڊڪٽ آهي، درخواست آئي لڳي به وئي، منع نامو جار?? ڪرڻ وارو جج ئي لارجر بئنچ جو سربراهه بڻجي ويو، سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو آر ا??ز ۽ ڊي آر ا??ز بابت ??يص??و معطل ڪري ڇڏيو. عدالت درخواست ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن اڄ ئي چونڊ شيڊيول جار?? ڪري. سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي نوٽيس جار?? ڪري ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪميشن جي اپيل باضابطا ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتو?? ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم، تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار کي نوٽيس جاري
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena