اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن دوران والاريل علائقي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 68 ڪشميرين کي شهيد ڪيو جن مان 13 ??اڻ??ن کي حراست دوران قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته ان دوران اٽڪل 2900 ??اڻ??ن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ سياسي ڪارڪن، واپاري، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جي ڪاررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ جي عزم ۽ ارادي کي ٽوڙڻ آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق به شامل آهي. هن چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ۾ ملوث ??اڻ??ن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : sorteios quina