اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب وزير??عظ?? هي لي فينگ جو وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ وزير??عظ?? هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اچڻ تي وزير??عظ?? هائوس جي مرڪزي دروازي تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. بعد ۾ هن وفاقي ڪابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد نويد قمر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پنهنجي وفد جو چيني نائب وزير??عظ?? سان تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ چيني وفد جو وزير??عظ?? شهباز شريف سان تعارف ڪرايو ويو. واضح رهي ته پاڪستان حڪومت جي د??وت تي ص??ر شي جن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب وزير??عظ?? ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي نائب وزير??عظ?? ۽ وفد جو پاڪستان اچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس وفد سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزير??عظ?? چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وفد گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35
چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج