اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريڊيو پاڪستان جي ملازمن کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن جا خاندان مشڪلاتن جو شڪار آهن، ريڊيو پاڪستان جهڙي روينيو پيدا ڪندڙ اداري کي مالي وسيلن ??ي شديد کوٽ ڳڻتي جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ??طل??عات ۽ نشريات واري وزارت ريڊيو پاڪستان جي 38 ملازمن کي 3 مهينن جي اندر پينشنري مراعتون ادا ڪري، ريڊيو پاڪستان کي فنڊز جي فراهمي جو معاملو ??عل??ٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??طل??عات واري وزارت جو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ ادائگي جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي ۽ وفاقي مح??سب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. تفصيل موجب سيد پرويز حسين شاهه ۽ ٻين 37 شڪايت ڪندڙن مح??سب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن موجب مختلف تاريخن تي سروس تان رٽائرڊ ٿيندڙ انهن اڳوڻن ملازمن جا پينشن پيمنٽ آرڊرز جاري ٿيا پر ادائيگي نه ڪئي وئي. وفاقي مح??سب ريڊيو پاڪستان پاران متاثر ملازمن کي مالي مسئلن ??ي بنياد تي ادائيگي نه ڪرڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي ريڊيو پاڪستان کي رٽائرڊ ملازمن کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وفاقي مح??سب موجب افسوس جو اڳوڻا ملازم پوڙها??پ ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ رُلي رهيا آهن، پوڙها??پ ۾ هڪ هڪ پئسو رٽائرڊ ملازم جي بنيادي ضرورت هوندي آهي. ريڊيو پاڪستان مح??سب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي مح??سب جي فيصلي جي خلاف ريڊيو پاڪستان جي اپيل اڪلائيندي چيو ته مڃيل قانون آهي ته رٽائرمينٽ مراعتون رياست پاران انعام نه آهي، رٽائرمينٽ مراعتون ملازم کي اطمينان جوڳي خدمتن جي ڪري ملندڙ حق آهي. صدر چيو ته پينشنري فائدين جي ادائيگي نه ٿيڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن ۽ گهرڀاتين جون مشڪلاتون ڳڻتي جوڳيون آهن. ريڊيو پاڪستان پاڻ پنهنجي ملازمن کي رقم جي ادائيگي جي ذميواري تسليم ڪئي آهي. صدر هدايت ڪئي ته ??طل??عات وارو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ فنڊز جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ريڊيو پاڪستان جي ملازمن کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil