اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي پورهئي (چائيلڊ ليبر) جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن چائيلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي، ٻارن کان پورهيو عالمي سطح تي درپيش هڪ وڏو چئلينج آهي، گڏيل قومن موجب دنيا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ ٻار پورهئي تي مجبور ۽ هر 10 مان هڪ ٻار مزدوري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ عالمي سطح تي چائيلڊ ليبر ۾ گهٽتائي آئي تنهن هوندي به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي انصاف جي فروغ سان ٻارن جي پورهئي جي چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ان جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻو پوندو، غربت، جنگ، دهشتگردي ۽ تعليم تائين پهچ نه هجڻ به چائيلڊ ليبر جا وڏا سبب آهن. صدر چيو ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، غربت جي ڪري گهٽ عمر ۾ ئي ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چائيلڊ ليبر جي ڪري ٻار پنهنجي ٻاروتڻ، تعليم ۽ صحت کان محروم ٿي وڃن ٿا، پا??ستان ۾ هڪ اندازي موجب 27 مل??ن ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. صدر چيو ته پا??ستان ۾ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ قانون موجود آهن جن تحت ٻارن کان پورهيو وٺڻ تي پابندي آهي. هن چيو ته پا??ستان ۾ ٻارن جي پورهئي جي حوصلا شڪني ۽ انهن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. صدر چيو ته پا??ستان ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت، معاشري، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا، واپ??ري ۽ نجي شعبي سميت معاشري جا سمورا طبقا چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ