اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي ج?? پائيدار حل اڻٽر آهي، هٿين خالي ڪشميرين خلاف طاقت جو استعمال نه ته انهن جي آزادي ج?? تح??يڪ کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي پاڪستان جي اصولي موقف کي بدلائي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪشمير سان ايڪتا جي ڏهاڙي ج?? موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته ڀارت جو غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير جي معصوم ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ خطي ج?? امن لاءِ وڏو خطرو آهي، هن چيو ته ڀارت جي هٿ ٺوڪي ج??هوري حڪومت طرفان آ??ين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 ا?? جي خاتمي ڪشميري عوام کي انهن جي سڃاڻپ ۽ آزادي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ج??ڪو عالمي سطح تي ڪشميرين سان ڪيل واعدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل آرٽيڪل جو خاتمو حڪومت جي بي رحماڻي ۽ تعصباڻي پاليسين جي عڪاسي آهي. قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي ج?? جدوجهد جي اصولي موقف جي حمايت ڪندو رهندو ۽ پاڪستان سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشميرين جي خودمختياري واري جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته پاڪستان والاريل وادي ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت واري تح??يڪ جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ هر فورم تي ڀارتي فوج طرفان ڪشمرين جي خودمختياري واري حق جي تح??يڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندو.
علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب پائيدار حل اڻٽر آهي: اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania