اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد جي عورت شهري جي گهر جو قبضو ڇڏرائڻ جي حوالي سان هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي کي ??رقرار رکندي متاثر عورت کي گهر جي ملڪيت واپس ڏيارڻ جا حڪ?? جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر عورتن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ايڪٽ تحت مقامي ڪمشنر جي ذريعي متاثر عورت شهري جي قيمتي ملڪيت بحال ڪرڻ جو حڪ?? ڏنو آهي. ان حوالي سان پنهنجي فيصلي ۾ صدر هدايت ڪئي آهي ته ملڪيت تي غيرقانوني قبضو ختم ڪرايو وڃ?? ۽ جيڪڏهن ضرورت پوي ته تالا ٽوڙيا وڃ??. هن چيو ته ملڪيت واپس وٺڻ جي راهه ۾ ايندڙ ٻين رڪاوٽن کي ??تم ڪري حقدار کي ملڪيت واپس ڏياري وڃ??. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عاليه فضل (شڪايت ڪندڙ) کي ملڪيت جي حق کي ??حال ڪرڻ يا ان جو قبضو ڏيڻ جي لاءِ هڪ مقامي ڪمشنر مقرر ڪيو وڃ??، ان ڏس ۾ مقامي ڪمشنرضرورت پوڻ تي پوليس جي مدد وٺي سگهي ٿو. مقامي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي گهرجي ته هو مقامي ڪمشنر کي مڪمل مدد فراهم ڪري ۽ مقامي پوليس لاڳاپيل وقت تي ڪمشنر سان گڏ موجود رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار جي بي بنياد موقف کي ??د ڪندي قرار ڏنو ته جوابدار تڪراري گهر جي ملڪيت پنهنجي حق ۾ ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به پيش نه ڪيو، اهڙي طرح محتسب جي حڪ??ن جي خلاف نمائندگي آڻڻ جو ڪو جواز نه آهي. واضح رهي ته عورت شهري عاليه فضل جي والد بحريه ٽائون اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر جا معاملا هلائڻ جي لاءِ کيس اٽارني مقرر ڪيو هو، گهر 2007ع کان 2016ع تائين مختلف ماڻهن کي ڪرائي تي ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ خالي پيل رهيو. شڪايت ڪندڙ جي ڀاءُ 2020ع ۾ گهر جو دورو ڪيو ته خبر پئي ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن غيرقانوني طور تي گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي. قبضي جو اطلاع بحريه ٽائون ۽ مقامي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس جوابدار کي ??لب ڪيو جنهن گهر خالي ڪرڻ جي ضمانت ڏني. جوابدار عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ته گهر 2008ع ۾ هڪ معاهدي جي بنياد تي خريد ڪيو ويو هو ۽ هڪ جعلي معاهدو پڻ پيش ڪيو. شڪايت ڪندڙ گهر تي قبضو ڇڏرائڻ جي لاءِ هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب سان رابطو ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ حڪ?? جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جوابدار صدر کي محتسب جي حڪ??ن جي خلاف درخواست ڏني جنهن کي ??ي بنياد هجڻ تي رد ڪيو ويو.
صدر پاران اسلام آباد جي عورت شهري جي گهر جو قبضو ڇڏرائي ملڪيت واپس ڏيارڻ جا حڪم
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری