اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينٽرل جي ڪمانڊنگ جن??ل ليفٽيننٽ جن??ل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي قيادت ۾ آمريڪي وفد نيشنل ڊزا??ٽر??ينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو دورو ڪيو ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جن??ل انعام حيدر ملڪ سان م??اقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپو ٿيل نقصانن ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل جي حوالي سان گڏيل سهڪار ۽ قدمن لاءِ لائحه عمل جوڙڻ تي غور ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزا??ٽر??ينيجمينٽ جهڙن معلومات ۽ تحقيقي ادارن جي جوڙجڪ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي اين ڊي ايم اي جي ڀرپور نمائندگي تي زور ڀريو. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر کي جديد ۽ فعال بڻائڻ سان گڏوگڏ مستقبل ۾ امڪاني خطرن جي تعين ۽ ان حوالي سان مڪمل تياري لاءِ ٻطرفي تجربن جي مٽاسٽا، مشقن جي انعقاد ۽ فني شعبن ۾ مدد ۽ سيڙپڪاري جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۾ آَفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڊزا??ٽر??ينيجمينٽ ۽ ايمرجنسي ريسپانس کي درپيش مشڪلاتن ۽ چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان انهن م??ڪن ۾ 7 نمبر تي آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. ڪمانڊنگ جن??ل ليفٽيننٽ جن??ل پيٽرڪ ڊي فرينڪ ٻوڏ دوران پاڪستان جي ريسڪيو ۽ رليف جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرن لاءِ يو ايس ايڊ ذريعي امداد جاري رکڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي مدد جي خاطري ڪرائي. اين ڊي ايم اي چيئرمين مشڪل جي هن گهڙ ي۾ پاڪستان جو دور ڪرڻ تي آمريڪي فوج جي وفد جو ٿورو مڃيو ۽ مستقبل ۾ آمريڪي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
آمريڪي آرمي سينٽرل جي ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي قيادت ۾ آمريڪي وفد طرفان اين ڊي ايم اي جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ