پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ عقيدن ۽ قدرن جو رشتو آهي: صدر


APP08-220421 ISLAMABAD: April 22 – Pakistan's ambassador-designate to Kingdom of Saudi Arabia, Lt. Gen. (Retd) Bilal Akbar called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل تاريخي، ثقافت، روايتن، عقيدن ۽ قدرن جو رشتو آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. اها ڳالهه هن سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، عقيدي ۽ قدرن جو رشتو آهي، صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ سعودي عرب سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، صدر عارف علوي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي نامزد سفير کي تاڪيد ڪئي ته هو سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي.

مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب

متعلقہ مضامین