اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو اهم جز آهي، هن چيو ته ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ ميڊيا جو مثبت ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته صحافي برادري کي پيشيوراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر پارلياماني صحافين کي مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته پارلياماني صحافين جي ٻين تجويزن بشمول پريس گئلري جي سگهه، جديد ٽي??نا??اجي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن صحافي برادري پنهنجي پيشيوراڻي سرگرمين کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اها پريس گئلري ۾ پارلياماني صحافين جي پيشيوراڻي ذميوارين کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪري. صحافي جي هڪ سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو ته مخالف ڌر وزيراعظم جو ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ ۾ پريس گئلري ۾ سڄي ملڪ جي ميڊيا جي موجود??ي ۾ اعتماد جي ووٽ جا غلط انگ اکر پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ سياست ۾ عدم برداشت ۽ تلخي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس. هن چيو ته مخالف ڌر سان پيش ايندڙ معاملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پيش آيل معاملن جو جائزو وٺندي. ان موقعي تي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڳالهائيندي چيو ته جمهوري نظام ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، اظهار جي راءِ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، آزاد ميڊيا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پي آر اي جي صدر بهزاد سليمي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ??سپ??ڪر جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ميڊيا جي لاءِ جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ان سان فرضن جي ادائي??ي ۾ نمايان بهتري ايندي هن سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپڪر کي درخواست ڪئي ته ميڊيا پرسنز کي ايوان جي اندر ٽي وي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر چيو ته ان ڳالهه جو فيصلو پارلياماني اڳواڻن جي ??شا??رت سان ڪيو ويندو.
آزاد ميڊيا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي: اسپيڪر/سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino