اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پ??ڪستان جي اداري کي چيو آهي ته به??ر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ به??ري لاءِ به??رين عالمي معيار ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي آڊٽ جي ??ظا?? کي مستحڪم بڻايو وڃي، اداري جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ڊي اي جي پي آفيسرن لاءِ به??رين ترب??تي پروگرام ۽ خصوص?? تربيت جو اهتمام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پ??ڪستان جاويد جهانگير سان ڳالهائيندي ڪيو. آڊيٽر جنرل صدر کي اداري ۾ سڌارن جي عمل تي بريفنگ ڏني. هن سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، احتساب ۾ اضافي ۽ آڊٽ ۾ به??ري لاءِ کنيل قدمن بابت اجاگر ڪيو. بريفنگ ۾ اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل آڊيٽر جنرل آف پ??ڪستان فرخ حميد ۽ ناڻي واري وزارت وارو سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عامر محمود به موجود هو. صدر چيو ته به??ر مالياتي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ آڊيٽر جنرل آف پ??ڪستان جي اداري کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پوري آڊٽ عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻو پوندو.
بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ آڊٽ جو نظام مستحڪم بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل