اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃن، ٻيلن جي بحالي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ جديد ??يڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جي ٻيلن واري وزير سبطين خ??ن ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خ??ن کي ڇانگامانگا ۽ ٻين ٻيلن جي بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ڇانگامانگا جي اڍائي هزار ايڪڙ زمين کي وڻن کان محروم ڪري بنجر بڻا??و ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته م??جو??ه حڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري سونامي مهم ۾ هڪ هزار ايڪڙ رقبي تي وڻڪاري جو عمل مڪمل ڪ??و ويو آهي، اڍائي هزار ايڪڙ رقبي تي سال 2023ع تائين اهو عمل مڪمل ڪ??و ويندو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻيلا ۽ وڻڪاري اهم اهميت رکندڙ آهن ۽ ٻيلن جو تحفظ ۽ بحالي م??جو??ه حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي.
غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل