اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان جي 1993ع کان وٺي 2018ع ??ائين مختلف دورن ۾ پنهنجي ڀاءُ، ناٺيءَ ۽ فرنٽ م??نن ذريعي اربين رپيا ماليت جون بي نامي ملڪيتون ٺاهڻ، ڊيزل اسمگلنگ، فنڊز ۾ بي ضابطگين ۽ ڪرپشن بابت تفصيل جاري ڪندي گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور مولانا فضل الرحمان تي ملڪ ۾ فرقيواريت پکيڙڻ ۾ ملوث هُجڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته مولانا جي ملڪيتن جي حوالي سان ثبوت موجُود آهن، مولانا فضل الرحمان کي چئلينج ڪريان ٿو ته اهو ڪوڙ آهي ته اسان جي خلاف هتڪ عزت جو نوٽيس موڪلي، مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته سندس ٻاهرئين قوتن سان ڇو رابطو آهي، انڊين نيشنل سيڪيورٽي ايدوائيزر سان ڪهڙ حوالي سان گڏجاڻي ٿي، اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پي آءِ ??ي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته سندس ٻاهرئين قوتن سان ڇو رابطو آهي: علي امين گنڊاپور
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت