اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس ??ي وب?? جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 319 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 22 هزار 434 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزا?? 247?? پنجاب ۾ 9 هزار 603،خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 556، اسلام آباد ۾ 3 هزار 04، بلوچستان ۾ 473، گلگت بلتستان ۾ 276، آزاد ڪشمير ۾ 275 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 80 هزار 340 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 112 مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 748 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? جي مريضن جو تعداد 2 لک 95 هزار 372 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 290، بلوچستان ۾ 12 هزار 804، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 832، اسلام آباد ۾ 15 هزار 579، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 971، پنجاب ۾ 96 هزار 699 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 29 هزار 179 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون